علامات نجوم القرآن (قلمي نسخو)

علامات نجوم القرآن (قلمي نسخو)

علامات نجوم القرآن قلمي نسخو

علامات نجوم القرآن (قلمي نسخو): هي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪتاب اصل ۾ قرآن پاڪ جي لفظن جي ڏسڻي آهي، جنهن جي مدد سان اهو آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪهڙو لفظ ڪهڙي سورت جي ڪهڙي آيت ۾ آهي. هي ڪتاب ابن محمد سعيد مصطفيٰ جو تصنيف ڪيل آهي، جيڪو هن 1103هه/ 1692ع ۾ لکي مڪمل ڪيو. هي نسخو نسخ واري خط ۾ تحرير ڪيل آهي، جنهن جي ڪتابت ملا ڪمال نالي هڪ خطاط 1266هه 1850ع ۾ مڪمل ڪئي. ڪتاب جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي: ”بسم الله الرحمان الرحيم الحد الله رب العالمين والعقابة للمتقين وصلي الله تعاليٰ عليه و عليهم اجمعين امابعد ڪمترين ندام ارباب افضل و اصطفاابن محمد سعيد مصطفيٰ.....الخ“ پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي: ”تمت الڪتاب بعون الله الملڪ الوهاب برست ملا ڪمال 21 شوال 1266هه“ هي ناياب ڪتاب مصنف اورنگزيب عالمگير جي نالي منسوب ڪيو آهي. 166صفحن تي مشتمل هن نسخي جي هر صفحي تي 13 سٽون لکيل آهن. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو